اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بجيٽ ۾ واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي تجويزن ۽ بي قاعدگين بابت 2 ڪميٽيون قا??م ڪيون ويون آهن، نئين مالي جي ??فاقي بجيٽ تي بحث جا سمورا نُڪتا نوٽ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته هيءَ هڪ روايت رهي آهي ته بجيٽ پيش ٿيڻ بعد واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي ??سئلن جي حل لاءِ بزنس ڪميٽي ۽ بجيٽ ۾ ڪنهن بي قاعدگي يا بي ضابطگي جي ??شاندهيءَ لاءِ بي ترتيبي ڪميٽي قا??م ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ايف بي آر سان مشاورت کانپوءِ ٻئي ڪميٽيون قا??م ڪيون ويون آهن. بزنس ڪميٽي جي ??يادت فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر ڪندو، جنهن ۾ ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز پاليسي ۽ ميمبر لينڊ روينيو وائيس چيئرمين هوندو. ان ڪميٽيءَ ۾ ايوان صنعت جا نمائند?? شامل هوندا. بي ضابطگي بابت جوڙيل ڪميٽيءَ جي صدارت اشفاق توله ڪندو، جڏهن ته ان ڪميٽي ۾ به ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز ۽ ميمبر لينڊ روينيو وائيس چيئرمين جا فرض سرانجام ڏندو. ناڻي وزير چيو ته بجيٽ بابت ميمبرن جي تجويزن ۽ سفارشن کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا اسٽينڊنگ ڪميٽيز ۾ وڃي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي وزارت جي ??يم موجود آهي جيڪا تجويزون نوٽ ڪري رهي آهي.