اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، او??مپ?? وليج قومي منصوبو آهي، او??مپ?? وليج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ او??مپ??س وليج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳ??ڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي او??مپ??س وليج تعمير ڪيو ويندو. او??مپ??س وليج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولت??ن پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته او??مپ??س وليج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم او??مپ??س وليج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.