اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات وا??ي وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي ??هرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پاليسي جي ??نظوري ڏني. پنهنجي ??وئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پاليسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي ??وسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي ??وجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي ??اءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي ??ابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات وا??ي وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پاليسي جي ??نظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.