اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ وارين ??رحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام سان ممڪن آهي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران کنيل قدمن کي ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي نوعيت کي تبديل ڪرڻ جي مڪمل غيرقانوني ڪوشش سان نقل ڪيو آهي. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام وانگر ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام به گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي منتظر آهي، جيڪي انهن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪن ٿيُون. هن چيو ته نئون آبادياتي ماضي سان ڳنڍيل بنياد فلسطين ??ي مسئلي وانگر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. ترجمان چيو ته سڀاڻي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا 76 سال مڪمل ٿي ويندا، ??ارتي قابض فوج 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو ??بضو ڪيو، اهڙي طرح ڪشميري عوام جي لاءِ هڪ تاريخي باب جي شروعات ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي زمين ??ي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڀارت پاران انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي سرزمين ??ي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم مهم کي قبول ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميرين ??ي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين ??اري رکندو جيستائين هو گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.