اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر، دماغي صحت ۽ تندرستي بابت شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حقن جي حمايت جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪ??ب جي اهتمام ??يٺ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي ??يمينار کي خطاب ڪري رهي هُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻهن جا حق هجن يا دماغي صحت جو معاملو هجي، ان سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته عورتن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي ڪري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ??نهن جي لاءِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪ??نسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي ??ڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ميموگرافڪ جي ناڪافي سهولتن جي ڪري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جون عورتون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي تشخيص ٿي رهي ??هي. هن عورت?? ۽ ??وڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهني صحت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ پيغام ڦهلائڻ جو وچن پڻ ورتو. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي ??ن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.