اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قياد?? کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقا??ون?? حيثيت طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏيهي وزير انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيثي?? کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ ??نظ?? خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ڀارت جي غيرقا??ون?? طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غيرقا??ون?? ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.