اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ر??ڊيو پاڪستان جي ڊا??ريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعيد احمد شيخ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آ??ي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد شيخ جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعالي?? سعيد احمد شيخ جي والده مرحومه جي آخرت جون منزلون آسان فرمائي. مرحومه جي ر??ح ک?? جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.