اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪستان جي ڪا??رو??ئي تي پنهنجي بيان ۾ صدر اير??ني شهرين کي ج??ني نقصان کان بچائيندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي سا??اهيو ۽ چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، ان جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني رياستن ??ي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن ??ي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.