اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪ??ميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو ??ذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي هڪ ن??ي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو ??ذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪ??مير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪ??مير ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪشمير مسئلي جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪ??مير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.