اسلام آباد – 26 ??? ج??وري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ??اڪ??ر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگ??ان وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگ??ان وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگ??ان وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئ?? هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائ?? هئي.