اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽي وٽ سادي اڪثر??ت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳ??له??ون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??هي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، ??هي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته ??هي اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽي وٽ سادي اڪثر??ت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳ??له??ون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.