اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”ه??لي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نس??ن، ثقافتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اس??ن سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”ه??لي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نس??ن ۽ ثقافتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اس??ن سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم چيو ته آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اس??ن سڀني جي لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.