اسلام آباد– 04 – اپ??يل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين ??ءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين ??ءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آ??يا?? ڪئي. ان دوري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ??يو. اين ??ءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ ??ڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.