اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گڏ??ل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏ??ل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام گڏ??ل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گ??ر سمجهي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب يو اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هو گڏ??ل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گڏ??ل عرب امارات جي سفير بشام ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل ويزن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان جي عوام گڏ??ل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گ??ر سمجهي ٿي. هن چيو ته ايمرٽس ايئرلائين جي پهرين اڏام پي آءِ اي جي پائليٽ اڏائي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اعليٰ مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يو اي اي جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن، جڏهن ته معاشي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير معيشت جي بهتري لاءِ گڏيل روڊ ميپ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن موجب ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکون ٿا. يو اي اي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ساڻس گڏ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير گڏ??ل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏ??ل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي ساراهيو.