رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان سان سعودي عرب پاران اقتصادي حصيداري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون جلد پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل مفاد تي ٻڌل منصوبا شروع ڪيا ويندا، هن ٻنهي ملڪن جي وچ م توانائي جي ش??بي خاص طور تي موجوده انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بهتري، قابل تجديد توانائي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري توانائي جي ايڪو سسٽم ۾ اهميت آڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده ??بد??لعزيز بن سلمان السعود سان ملاقات ڪئي. ارامڪو جو سي اي او ۽ صدر ۽ اي سي ڊبليو اي پاور جو چيئرمين پڻ سعودي توانائي واري وزير سان گڏ هئا. ملاقات دوران وزير??عظ?? پاڪستان جي توانائي جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي ش??بي ۾ تعاون جهڙوڪ توانائي جي موجوده انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بهتري، قابل تجديد توانائي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري توانائي جي ايڪو سسٽم ۾ افاديت آڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. سعودي عرب جي توانائي واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سعودي وزير وزير??عظ?? پاران نشاندهي ڪيل توانائي جي منصوبن جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزير??عظ?? سعودي عرب پاران پاڪستان سان اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ولي عهد شهزاده ۽ وزير??عظ?? محمد بن سلمان سان سندس ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين اقتصادي تعاون جي ايجنڊا کي نئين جوش ۽ عزم سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل فائديمند منصوبا شروع ڪيا ويندا. وزير??عظ?? سعودي عرب جي ويزن ۽ سعودي عرب کي اقتصادي ترقي جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو. ان کانسواءِ وزير??عظ?? سعودي عرب جي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير انجنيئر فيصل الابراهيم ۽ سعودي عرب جي ماحوليات ۽ پاڻي ۽ زراعت واري وزير ??بد??لرحمان عبالمحسن الفادلي پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزير??عظ?? ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعدوي عرب پاران ڏيکاري ويندڙ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن پاڪستاني زرعي ش??بي جي صلاحيت تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي لاءِ بريڊ باسڪٽ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ نه رڳو ٻئي ملڪ پر پوري خطي جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير وزير??عظ?? کي 15، 16 اپريل 2024ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته سعودي زرعي ڪمپنيون پاڪستان جي زرعي ش??بي ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ٻئي ملڪ زرعي معيشت جي ويليو چين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل منصوبن مان فائدو کڻندا. هن ان ڳالهه ت?? زور ڏنو ته سعودي عرب زراعت جي ش??بي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ چٽاڀيٽي جي فائدن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستاني زرعي ش??بي کي تعاون جو هڪ اهم شعبو سمجهي ٿو. سعودي عرب جي معيشت واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي وزير??عظ?? جي ذاي ڌيان کي ساراهيو. وزير??عظ?? رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪرڻ تي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير کي مبارڪباد ڏني. هن وڌندڙ عالمي عدم استحڪام ۽ بحرانن جي باوجود عالمي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو.