اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪو??يا جي وچ ۾ خاص طور ت?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن، پاڪستان ڪو??يا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪو??يا جي سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪو??يا جي سفير وزيراعظم کي ڪو??يا جي قيادت پاران ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ڏکڻ ڪو??يا جي قيادت جي مبارڪباد واري پيغام جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪو??يا جي وچ ۾ لاڳاپا خاص طور ت?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن 1960ع جي ڏهاڪي جي شروع کان ئي اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون جي شروعات ڪئي. وزيراعظم ڏکڻ ڪو??يا جي معيشت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رونما ٿيندڙ نمايان تبديلي کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪو??يا جي صنعت، خاص طور تي ننڍي پئماني جي صنعت جي شعبي جي ترقي، آءِ ٽي شعبي بشمول آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي تجربي مان سکڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڪو??يا جي انساني وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافي جي آڇ پڻ ڪئي. گڏيل طور تي فائديمند واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن سيول ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ان حوالي س??ن وزيراعظم چيو ته هو ڪابينا جي لاڳاپيل وزيرن کي ڪو??يا جي ڪمپنين پاران موجوده سيڙپڪاري سان گڏوگڏ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڪو??يا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزيراعظم صدر يون سڪ يول کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ڏکڻ ڪو??يا جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ڪو??يا جي حڪومت جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن خاص طور ت?? واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.