اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرز??گو??نا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرز??گو??نا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ته بوسنيا هرز??گو??نا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرز??گو??نا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران بوسنيا هرز??گو??نا جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرز??گو??نا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرز??گو??نا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.