اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن ??و اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وف??قي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت ??قتي صدر کي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وف??قي وزير وقتي صدر کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وف??قي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ثمر آهي. وقتي صدر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ ۽ اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.