اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آذربائيجان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ تعليمي ۽ پارلياماني مٽاسٽا، رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ??ار??باري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ آذربائيجان معيشت?? واپار، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل گهرا ??ار??خي لاڳاپا آه??، باڪو ۾ ملتان سرائي ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ صديون پراڻي لاڳپن جو واضح ثبوت آه??، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ باڪو ۽ ملتان کي ”سسٽر سٽيز“ قرار ڏيڻ گهرجي. صدر ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ مختلف عالمي فورمز تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير چيو ته عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سياحت، ??ار??بار ۽ تعليم جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻا پوندا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آه??، پاڪ آذربائيجان تعاون کي معيشت?? واپار ۽ ??ار??بار جي شعبن ۾ وڌائڻو پوندو، مواصلاتي ۽ عوامي رابطن جي فروغ سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت تي آذربائيجان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا.