اسلام آباد – 24 ?? جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 196 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس ??حمد شفيع صديقي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏني آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب جسٽس ??حمد شفيع صديقي پنهنجي عهدي جو ح??ف کڻ?? جي تاريخ کان ۽ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ذريعي باقاعده چيف جسٽس جي مقرري تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ??نهنجا فرض سرانجام ڏيندو.