اسلام آباد-07 جولاءِ(اي پي پي)وزيراعظم محمد شبهاز شريف حوالدار جان محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 25 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظ?? آفيس ميڊيا ونگ مان آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد انتهائي بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ جي سلامتي ل??ءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد جي عظيم قرباني پاڪستاني فوج جي عزم ۽ ملڪ جي حفاظت ل??ءِ پاڪ فوج جي بي مثال قربانين جي عڪاسي ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد ۽ سندس ڪٽنب پاڪستاني قوم ل??ءِ ف??ر جو سبب آهي، وزيراعظم چيو ته عربي سمنڊ جي اونهاين کان سياچن جي سخت ٿڌ تائين ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ هر پاڪستاني سپاهي جي جذبي ۽ احساس کي سلام پيش ڪيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ل??ءِ پاڪ فوج جي ڏنل قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.