اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي مل??ائجندڙ آزادي جي تقريبن جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي طور مل??ائڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين م??مد علي رنڌاوا سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفي??رن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ طور مل??ائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزي??ل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافتن جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ڊرون شو شامل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رنگ روغن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو بنڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويندو. جنهن ۾ ميوزي??ل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ڊرون شو شامل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مفت جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي پنهنجي تعاون سان گڏوگڏ انهن جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگهن. اجلاس چيئرمين م??مد علي رنڌاوا پاران وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.