اسلام آباد ??? 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ا??ٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڀرپور ??دم کڻي رهي آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن تي قائم ڪرڻ ۽ خودڪار نظام جي لاءِ سنگ ميل هوندي. هو ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي 3 رڪني وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جيف ??ئي?? ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ڊيٽا جي تحفظ، انٽرنيٽ تي مواد جي حوالي سان ضابطه ??خلاق ۽ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ا??ٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪومت ڀرپور ??دم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي انفراسٽرڪچر ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد جاري آهي، حڪومت مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بنيادي ڍانچي جي ترويج تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مصنوعي ذهانت انفراسٽرڪچر جي حوالي سان پاڪستان کي خطي ۾ هڪ نمايان ملڪ بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهيون، حڪومت جي ڊيجيٽل پاڪستان انيشي ايٽو تحت سڄي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن ۽ خودڪار نظام طرف وٺي وڃڻ جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل هوندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي مسودي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر جي فروغ جي لاءِ ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي خدمتن کي ساراهيو. وفد وزيراعظم کي ايشيا انٽرنيٽ ڪوليشن جي پاڪستان ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جاري پنهنجي سروسز کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، تانيه ادروس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.