لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چادر چاڙهڻ واري رسم کان پوءِ حضرت داتا گنج بخش جي 981هين سالياني عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريبن جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي. ان م??قعي تي معزز مهمانن جي دستاربندي به ڪئي وئي. ان کان اڳ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار اليڪٽرڪ ڇٽين جي منصوبي ۽ کير جي سبيل جو به افتتاح ڪيو. اسحاق ڊار کي منصوبي جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني و??ي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته داتا درٻار ۾ حرمين نبوي جي ترز تي ڪينو پيز لڳائڻ جي حوالي ??ان نيسپاڪ فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪري و??تي آهي. مسجد جي اڱڻ ۾ 2626 فوٽ جون 20 ڇٽيون مڪمل طور هائيڊرالڪ ۽ آٽوميٽڪ هونديون جنهن سان مسجد ۽ درٻار شريف جو حسن ٻيڻو ٿي ويندو ۽ زيارتين کي بهتر سهولتن جي فراهمي دستياب هوندي. ان سلسلي ۾ 650 ملين جي پي سي (ون) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ کي پيش ڪئي ويندي. ان م??قعي تي نائب وزيراعظم اوقاف کاتي پنجاب طرفان شايع ڪيل 3 ڪتابن جي رونمائي پڻ ڪئي جن ڪتاب جي رونمائي ڪئي وئي انهن ۾ ڪشف المحجوب، ايڊيشن ڇهين معارف سيرت جا نالا شامل آهن.