اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار و??ري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ??يائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. دفاع و??ري وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پر??يه?? پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته پاڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائقائي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خ??رن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.