اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کاتي جي انگن اکر?? مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي و??ڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي و??ي. حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر ??لد پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? مطابق وزيراعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي و??ڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر ??لد نمايان ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي و??ي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.