اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ ??بسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ ??ڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀن?? اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.