لاهور _12 سيٽمبر (اي پي پي) تربيلا ڊيم پنهنجي تاريخ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. 50 سال اڳ 1974ع جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ڊيم مڪمل ٿيڻ تي تربيلا ريزروائر ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ويو هو. واپڊا ترجمان مطابق تربيلا ٽيم گذريل پنج ڏهاڪن کان قومي فخر جي علامت سمجهو ويندو آهي. اهو سنڌ طاس پلان تحت تعمير ڪيل منصوبن ۾ اهم ترين منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ لکين ا??ڪڙ زرعي ايراضي کي پاڻي جي ي??يني فراهمي ۽ ٻوڏ جي روڪ ٿام سان گڏوگڏ هزارين ميگا واٽ گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست پن بجلي مهيا ڪري رهيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل اڌ صدي دوران پاڪستان ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي جو اهم ترين جزو آهي. ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اهو ڊيم ڪيتري قدر اهم آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته تربيلا ڊيم پنهنجي مڪمل ٿيڻ کان هيل تائين ز??اع?? لاءِ پنهنجي ريزيوائر ۾ ذخير?? ڪيل 406 ملين ا??ڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ڪري چڪو آهي جڏهن ته تربيلا هائيڊل پاور اسٽيشن مان نيشنل گرڊ کي 590 ارب 36 ڪروڙ 10 لک يونٽ سستي پن بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ هڪ ملين ا??ڪڙ فوٽ پاڻي مان لڳ ڀڳ هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي برابر حاصل ٿيندڙ معاشي ۽ اقتصادي فائدو حاصل ٿيندو آهي. اهڙي طرح ان ڊيم مان 50 سالن ۾ پاڪستان کي 406 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر فائدو حاصل ٿي چڪو آهي.