اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ??ورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت معاشي ??ڌارن ذريعي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جن ۾ نجي شعبي جي حصيداري، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، پرڏيهي متا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ بهتري شامل آهن، اهي قدم نه رڳو معاشي ??ستحڪام جي راهه هموار ڪري رهيا آهن پر عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اهم آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم آهي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشت جي استحڪام جون ڪوششون جاري آهن، جيڪي ملڪي ترقي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو ڪردار ڪاروبار ڪرڻ ناهي پر نجي شعب?? کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن بزنس ٽو بزنس ماڊل ذريعي واپار ۽ سيڙپڪار?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير گذريل 14-12 مهينن ۾ معاشي ??ستحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي جو حوالو ڏنو. پاڪستان بنيادي سرپلس حاصل ڪيو، پنهنجي ڪرنٽ اڪائونٽ خسار?? کي هڪ بلين ڊالرن کان گهٽ ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪرنس?? کي مستحڪم ڪيو ۽ ٻن مهينن جي ام??ور?? کي ??ور?? ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن فائدن کي هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 6.9 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي سان مضبوط ڪيو ويو آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادر?? کي به فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به گهٽ ۾ گهٽ شرح حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ ملڪ لاءِ توسيعي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچاجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن ساختي سڌارن، پائيدار ترقي ۽ ٽيڪس سڌارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير محمد ??ورنگزيب چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت ۽ حوصلي وارو آهي. هن ڪاورباري موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ پرڪشش مقام طور اڀري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد نجي شعبي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معيشت جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.