لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپين وام واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي ڪيل بيان موجب وزيراعظم ??هباز شريف دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرانو ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ??هيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا گهرندي سندسن ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.