اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) آئيني ترميم تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف با??ت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، ش??ري رحمان، عرفان ??ديقي، بئريسٽر گوهر، عمر ايوب خان، ايمل ولي خان، ڊاڪٽر فاروق ستار، انوشه رحمان ??يڊووڪيٽ، محمد اعجاز الحق ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئيني ترميم با??ت معاملن تي غور ڪيو ويو.