اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ب??لا??وس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) ??جل??س جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد ش??باز شريف ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي ??جل??س ۾ ب??لا??وس جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد ش??باز شريف ب??لا??وس کي ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ کي فروغ ڏيڻ ۾ ب??لا??وس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
هن سال جولاءِ جي شروع ۾ آستانه ۾ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده ملاقاتن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي هڪ مثبت رفتار فراهم ڪئي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، گڏيل طور تي ٽريڪٽرز جي تياري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏ0نو. گولوف چينڪو ايس سي او سربراهه ??جل??س جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي پاڪستان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي وزيراعظم محمد ش??باز شريف جا ٿورا مڃيا. هن يقين ڏياريو ته ب??لا??وس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن، اصولن ۽ ترجيحن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ۽ پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي چيئر جي حيثيت سان پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪندو. گولوف چينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.