اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊا??يلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان موجب ساموا ۾ منعقد دولت مشترڪه جي انٽرجنريشنل ڊا??يلاگ ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مشترڪه جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي قيادت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊا?? اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ نوجوانن کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. محمد اسحاق ڊا?? ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ج??ڙن قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن لکين نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ مشغوليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف انڊر اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته نوجوان نه رڳو ايندڙ سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائميٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ نوجوان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي نوجوانن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مشترڪه ڪميونٽي جي لاءِ پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل انٽرجنريشنل تعاون کي جاري رکن.