اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چين?? سفارتخاني ۾ چين ج?? سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ ھن ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب ٻن چيني شھرين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو ا??ھا?? ڪيو ۽ زخمي چيني شھرين ۽ سندن گھرڀاتين سان دلي ھمدردي جو ا??ھا?? ڪيو. گھرو وزير محسن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چين?? سفير کي آگاهه ڪيو. گھرو وزارت جي ترجمان مطابق گھرو وزير محسن نقوي چين ج?? سفير، چيني حڪومت ۽ زخمي چيني شھرين جي گھرڀاتين سان مڪمل يڪجھتي جو ا??ھا?? ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ آھي ته اسان ترقي ۽ سيڪيورٽي کي جامع ڪرڻ جي چيني تصور سان پوري طرح متفق آھيون، چيني شھرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اسان جي پھرين ترجيح آھي. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بھتر ۽ مضبوط پڻ بڻائي رھيا آھيون ته جيئن چيني شھرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائي سگھون. گھرو وزير چيو ته اسان ڪراچي واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھارينداسين، پاڪستان ۽ چين مضبوط ۽ پائيدار شراڪتدار آھن. ملاقات دوران ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو. چين?? سفير چيو ته گڏيل ڪوششن سبب پاڪ چين دوستي مسلسل بلندي ڏانھن وڃي رھي آھي ۽ عملي سھڪار ۾ جامع اڳڀرائي ٿي آھي، ان روشني ۾ ھڪ محفوظ ۽ مستحڪم سھڪار جو ماحول انتھائي اھم آھي. ھن چيو ته چين ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تيار آھي. چين?? سفير چين جي وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي شاندار انتظامن تي گھرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. چين?? سفير صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صحت بابت پڻ پڇيو ۽ سن??س جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو ا??ھا?? ڪيو. چين?? سفير ٻڌايو ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي صدر کي خط لکي نيڪ خواھشن جو ا??ھا?? ڪيو آ??ي. ??فاقي گھرو سيڪريٽري ۽ چين?? سفارتخاني جا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود ھئا.