اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن ??ي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته آپريشن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ??ي سيڪيورٽي فورسز مبارڪباد جون مستحق آهن. وزيراعظم ??فيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته امن امان ۾ رڪاوٽ وجهندڙن کي انتهائي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??اتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.