اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر انورا ڪم??را ڊسا نائيڪي کي پارلياماني چونڊن ۾ سندس پارٽي جي شاندار ڪامياب?? تي مبارڪباد ڏني آهي. ا??ڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اهو ان اعتماد جو ثبوت آهي جيڪو سريلنڪا جي عوام سندس ويزن ۽ قيادت تي ظ??هر ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي تاريخ تي ٻڌل آهن.