اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي، ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، دعا آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ ??ظي?? ۽ شاند??ر دور جي شروعات هجي. وزيراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هي وڏو ڏينهن آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان آسٽريليا کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني ۽ اها به شاندار طريقي سان. وزيراعظم چيو ته چيئرمين محسن ن??وي جي اڳواڻي ۾ ڪوچنگ اسٽاف ۽ پي سي بي جي ڪوششن سان گڏوگڏ هي ڪاميابي اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. دعا آهي ته هي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ ??ظي?? ۽ شاند??ر دور جي شروعات هجي.