اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي ??ورسز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم جي ??رزندن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين، عوام جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وج??ندڙ دهشتگردن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي ??ور??ز 6 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ۽ ان عمل ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي ??ڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ضلعي بنون جي علائقي ملي خيل ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ صوبيدار عمران احمد فاروقي، حوالدار محمد جاويد اقبال، نائق طهماس، نائڪ باسط فريد، سپاهي صفدر علي، سپاهي اسد بشير، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي عاطف خان، سپاهي امان الله، سپاهي شاهه زمان، سپاهي حسيب الله ۽ عثمان شامل آهن.