اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ??ه پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ واپار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ بيلا روس جي توانائي واري وزير سان بزنس ??ورم جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ واپار واري وفاقي وزير چيو ??ه پاڪستان بيلا روس بزنس ??ورم دوران 8 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ??ه پاڪستان ۾ بيلا روس جا ٽ??يڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي وڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ بيلا روس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ??ه پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ٻيا شعبا کليل آهن. هن چيو??ه پاڪستان ۽ بيلا روس جي ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. واپار واري وزير چيو ته بيلا روس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽران??ٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ??ه پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي.