اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پن??نجي پو??ٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪريو، توهان جي ڪاميابي پاڻ ڳالهائيندي، الحمدالله پاڪستان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري ايوي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪ??شش?? تي خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران ان و??ت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ اهم ڪ??شش?? سان شروع ڪيو ويو هو، هي قوم جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي.