راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي ??قصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ????جا??ز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خ??اف فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي ??قصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ????جا??ز نقصان پهچائڻ شامل آهن. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. فيل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.