اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ سانحو آهي، پوري قوم بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ سانحي، تمام وڏي نقصان کي 10سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، هن چ??و ته اهو هڪ اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو هو جنهن ??ي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي ڏکوئيندي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار شهيد ٿيلن ۾ اڪثريت معصوم ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍي عمر ۾ اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا. هن چ??و ته انهن ??ي زندگي، انهن ??ا خواب، انهن ??ون اميدون ۽ انهن ??و مستقبل اسان کان ڇنيو ويو، وزيراعظم چيو ته ان سانحي کي ڀلي ڪيترو به وقت گذري وڃي پر ان معصوم ٻارن جي جدائي جي صدمي کي ميٽي نٿو سگهجي. انهن معصوم ڪلين، ان ڏينهن ??رداشت نه ٿيڻ جوڳي ظلم ۽ ڏاڍ جو منهن ڏٺو ۽ شهادت ماڻي. انهن ??اندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃايو آهي، جن جي جگر جا ٽڪرا ڦريا ويا، انهن ??ي ڏک ۽ تڪليف ڪنهن ??ه طور تي گهٽ نٿي سگهي ٿي. هن چ??و ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ ان جهڙن ٻين دهشتگرد ملڪ دشمن گروهن ??و نه دين سان ڪو تعلق آهي نه ئي معاشرتي قدرن سان ، پرڏيهي ملڪ دشمن جي ڏڍ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پنهنجي مڪروه مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نشانو بڻائين ٿا. پوري قوم ان بزدل دهشتگردن خلاف شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله بيٺل رهندي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم اسان جي ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ انهن ??ي ڪٽنبن جي قربانين ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به ملڪ دشمن ڌرين سان پوري همت ۽ جوانمردي سان وڙهي رهيا آهن. هن چ??و ته اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون جتي ڪنهن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان نقصان نه پهچي، ڪنهن ??ه ٻار کي خوف ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪنهن ??ه ناانصافي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيڪو هڪ واعدو آهي، جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي. اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرن ۽ شهيدن جي قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن ??و?? جانيون رائيگان نه وينديون،ا سان ڪڏهن ??ه نه وسارينداسين ۽ اسان ڪڏهن ??ه معاف نه ڪنداسين.