لاهور-04 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي ج?? ڪاروبار کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي ڪم ڪن. اهڙو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي ج?? ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجا جا ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿا، پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلائي چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزي??اع??م چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ سميڊا ج?? ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزي??اع??م جي هدايت تي سميڊا جو بورڊ جوڙيو ويو آهي ۽ بور?? آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪيو پيو وڃي، وزي??اع??م جي هدايت موجب ملڪ ۾ ايس ايم ايز سيڪ??ر جي ترقي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جو خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايس ايم ايز سيڪ??ر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين کي شامل ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بئنڪ فارمز کي آسان بڻايو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت ايس ايم ايز سيڪ??ر جي ترقي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻايا آهن. ايس ايم ايز سيڪ??ر جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن ان حوالي سان لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جون حڪومتون جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزي??اع??م جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ موجود ايس ايم ايز جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ لاڳاپيل سرڪار?? آفيسر موجود هئا.