اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي پريس آفيسرز مقرري جي حوالي ??ان قاعدن ۽ ضابطن، زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪاب??نا کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور ٻن سالن جي مدي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي. وفاقي ڪاب??نا سفارتي محاذ تي ان وڏي ڪاميابي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر بندرگاهه تان گذريل ٽن مهينن ۾ پبلڪ سيڪٽر درآمدات جا تفصيل وفاقي ڪاب??نا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا، ڪاب??نا ڊويزن/ سيڪريٽريٽ جي سفارش تي پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ بطور پريس آفيسرز مقرري جي حوالي ??ان قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري جي سفارش ڪري ڇڏي. انهن قاعدن ۽ ضابطن جي نتيجي ۾ انفارميشن گروپ آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ مقرري جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻائي سگهبو. وفاقي ڪاب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هيومن رائيٽس ڪيس نمبر 623- پي / 2017 جي فيصلي ??ي روشني ۽ قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ اٿارٽي بل کي پارليامينٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 17 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترميمن جي توثيق ملتوي ڪئي وئي. وفاقي ڪاب??نا اقتصادي راب??ا ڪميٽي جي 18 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا رياستي ملڪيتي اداران بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 24 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.