اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ??حس?? نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيا?? موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربي?? هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربي?? هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ??ين??ا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران ??حس?? نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي ??ديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ??ين??و ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي ??اري ڪيو ??ين??و. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي ??ملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي ??ديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.