اسلام آباد – 31 – ڊس??بر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين سيدال خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين کي وزارت جي مجموعي ڪارڪردگي، ??م جي طريقيڪار ۽ خبرن جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي ۽ پاليسي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نئين منصوبن تي به ڊپٽي ??يئ??مين کي بريفنگ ڏني. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين بلوچستان جي نوجوان طبقي جي لاءِ بهترين معلوماتي پروگرام ۽ تخليقي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جوڙڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ غور هيٺ آئي. سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين سيدال خان پاڪستان ٽيليويزن جي ايوان جي ڪو??يج جي حوالي سان ڪو??شن کي ساراهيو. سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين سيدال خان چيو ته پاڪستان ٽيليويزن اسان جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پاڪستان ٽيليويزن هر دور ۾ عوام تائين خبر پهچائڻ جي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪئي آهي. هن چيو ته آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ پي ٽي وي جي ماهرن جي مدد سان اهڙا پروگرام جوڙي جنهن سان آگاهي پکڙجي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پي ٽي وي جو نيٽ ورڪ پاڪستان جي ڪن??ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي، پي ٽي وي جي ڪري آفت سٽيل علائقن تائين نشرياتي رابطن جي ذريعي پهچ انتهائي آسان آهي. سينيٽ جي ڊپٽي ??يئ??مين اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ملڪ جي ثقافت ۽ علائقائي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي ۾ پي ٽي وي جو تاريخي طور تي تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي انهن قدرن ۽ روايتن سان ڳنڍڻو آهي.