اسلام آبا?? – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته باباءِ قوم محمد علي جناح اهو ع??يم اڳواڻ هو جنهن پنهنجي بصيرت ۽ دورانديشي سان ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ اسان کي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ان جي فرمانن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي ??نيادي اصول طور اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي ملڪ جي تا??يخ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي اهو ڏينهن ان ع??يم قائد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.