راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي گذري، پاڪ ??حر??ه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي خطاب ۾ پاڪ ??حر??ه جي سربراهه چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ميري ٽائيم سائنسز ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان جي جي ڊي پي ۽ ??حر?? شعبي جي ترقي لاءِ نوان رستا کوليندي. پي ايم ايس ٽي پي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ميري ٽائيم سائنس پارڪ آهي،هن پارڪ جو مقصد ??حر?? ٽيڪنالاجيز، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر سيڪيورٽي، اوشن رينيوايبل انرجي، سي فوڊ پروسيسنگ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت ڪيترن ئي شع??ن کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ هڪ جديد تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز آهي جيڪو پاڪستان جي سامونڊي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ قائم ڪ??و ويو آهي.