اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي ??الا سان پاڪستان ۾ مقرر ايران ۽ يورپي يونين جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن کانسواءِ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ پارلياماني ۽ اداره جاتي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايران جي سفير سيد ??حمد علي حسيني سا?? ملاقات ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مانڊوي ??الا چيو ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل ثق??فتي، مذهبي ۽ سماجي هڪجهڙاين ۾ ??نڍ??ل آهن ۽ ايران سان لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن.