اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ??يڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم ??ڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صور??حا?? کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪستان ?? ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.